Skip to main content

آدمشماری 2017

25-05-2017
اسلامي جهموريه پاڪستان
19سال بعد ٿيل  مردم شماري  جا، سمورا مرحلا  مڪمل
  غیر سرڪاري  نتيجا  موصول ۔۔
۔ جنهن  مطابق ڪراچی وسطي   آبادي جي لحاظ کان  سنڌ جو سڀني کان وڏو ضلعو بنجي ويو  ضلع وسطي جي  آبادي 48 لک  کان به وڌي وئي  گهٽ آبادي جي لحاظ  کان  عمرڪوٽ،ضلعو سڀني کان گهٽ آبادي وارو ضلعو قرار 
غیرسرڪاري نتيجن  موجب  عمرڪوٽ  جي آبادي  9،لک  52 هزار کان وڌي وئي ۔ نئين آدمشماري  بعد سنڌ  جي  مجموعي آبادي  6 ڪروڙ  19 لکن کان وڌي وئي  1998جي مقابلي ۾  سنڌ  جي  آبادي م  اڍائي ڪروڙن کان به وڌيڪ اضافو ٿيو آهي
ڪراچي جي ڇهن ضلعن جي آبادي 2 ڪروڙ 31 لک  35هزار کان وڌي وئي ۔ حیدرآباد ڊويزن 1   ڪروڙ  49 لک  ماڻهون رهن ٿا ۔ 1 ڪروڙ  31 لک ماڻهن کي نلڪي کان بغير پاڻي ملي ٿو   98 لک کان وڌيڪ سنڌي بجلي  کان محروم آهن
41 سینسز  ضلعن جي،سروي موجب  ساڍن  7 لک  گھرن ۾ غسل خانا نه آهن
جڏهن ته خميس تي جاري ٿيل سروي رپورٽ  2016.17 موجب  پاڪستان جي مجموعي  آبادي جو انگ  19 کروڑ 91 لک لڳايو ويو ۔ سروي  مطابق 2016  مجموعي  آبادي 19 ڪروڑ 54 لک ۽ 2015  م  19 ڪروڑ 17 لک هئي ۔ 2017   دوران ملڪ جي  شهري  آبادي تخمينو  8ڪروڙ 7 لک ٻهراڙي  جي  آبادي جو  تخمینو 11 ڪروڙ  83 لک  لگایو ويو
آدمشماري جا انگ اکر  بعد ۾  باقاعدہ جاري ڪيا،ويندا ۔

Comments

Popular posts from this blog

سندھی غزل

غزل__________ استاد بخاري شوق تنهنجو شئي ئي ٻي بنجي ويو دل لڳي مان ، زندگي بنجي ويو چنڊ تارا ، گل سهي سودا نه ڏين حسن تنهنجو هڪ هٽي بنجي ويو چؤطرف چمڪار تنهنجي سونهن جا چاھه منهنجو چؤدڳي بنجي ويو سونهن سان جيڪو جڙيو سو جنتي جو ٿڙيو سو دوزخي بنجي ويو قرب ۾ ڪؤڙو ، ڪسارو هي سمو شاھه جي وائي مٺي بنجي ويو منهنجو سينو آ سدوري سنڌڙي تنهنجو سِرُ سنڌو ندي بنجي ويو عاشقن آڏو وڏو هيڏو پهاڙ ڌوڙ جي آ خر دڙي بنجي ويو جنهن کي تون”استاد“ووڙيندو وتين سو ته تنهنجي شاعري بنجي ویو ترجمہ شوق تمہارہ کوئی چیز ہی اور بن گیا دل لگی سے زندگی بن گیا چاند تارے پھول کوئی سودا نہیں دیتے حسن تمہارا ایک دوکاں بن گیا چاروں طرف نور ہے تمہارے حسن کا پیار میرا چاندنی بن گیا حسن سے جو جڑا وہ جنتی جو بہکا وہ دوزخی بن گیا محبت میں یہ جھوٹ بھی شاھ (عبدالطیف بھٹائی) کا گیت بن گیا میری چھاتی جیسے سندھ کی دھرتی سر تمہارا دریائے سندھ بن گیا عاشقوں کے آگے اتنا بڑا پہاڑ بھی مٹی کا اک ڈھیر بن گیا جس کی تجھے تلاش ہے اے "استاد" وہ تو تمہاری شاعری بن گیا۔