ھڪ مُند چري آھي، ٻي جا رات ٺري آھي،
اھڙي ۾ اَچڻ تُنهنجو، ڀاڳن جي ڀري آھي.
ڏس ڪهڙو ڏکڻ گُهليو، ٿيا ماڪ ڦُڙا موتي،
۽ ويسُ وڻن ڍڪيو، پن پنهنجا ڪري پوتي،
وري آ تو ورائڻ لاءِ، واھوندي وري آھي.
ڏِسُ سنگ ھو سارِين جا، ڪيئن ڪنڌ نمائين ٿا،
۽ ھِير ھنڱورن جا، ڪئي ساز سُڻائن ٿا،
ڄڻ سُهڻي سنڌوءَ مان، آئي تار تري آھي.
مايا نہ مڏيِ مون وٽ، ماڙيون نہ ڪيِ محلاتون،
سائو ويس ڍڪيو ڌرتيءَ، وٺيون ٿر بر برساتيون،
اڏي تو لاءِ اسان پيارا، پکڙي جي ڏري آھي.
ڇا اُڀ ڇمر ڇايو، رُت آئي بسنتي آ،
جُٽ جوڙ ٿيا جوڀن، ھر من ۾ مستي آ،
ھر ڪنهن سان ھتي مُنشي، پنهنجي حُور پري آھي.
Comments
Post a Comment