نا اھل اسان جو مالي آ
معصوم وڻن جو ڇا ٿيندو
بد ذوق جي ھٿ ۾ باغ رھيو
ھن منھنجي چمن جو ڇا ٿيندو
ڪانون کي اجازت ڪان ڪان جي
بلبل جي صدا تي بندش آ
ھر شاخ تي ظالم ويٺو آ
مرغان چمن جو ڇا ٿيندو
ھي نرم ۽ نازڪ ٻئي ھٿڙا
مضبوط گلو خنجر جو وزن
تون منھنجي ڪسڻ جو فڪر نہ ڪر
پر تنھنجي ھٿن جو ڇا ٿيندو
جتي مور ھئا اتي ڪانٔ ڪٻر
ڍڀ ٿو پوکين جٿي آھي ڇٻر
خراساني کي ناھي خبر
ھن منھنجي متاء جو ڇا ٿيندو
Comments
Post a Comment