Skip to main content

سنڌ جون ذاتون

اَپِيل
(قبيلائي جنگين جي موضوع تي لکيل)

هي جتوئي، اُڄڻ ۽ ناريجا،
سامٽيا ۽ سچار ساريجا،
آمڙا، ڄامڙا ۽ جاڙيجا،
جوکِيا، جاکرا ۽ جوڻيجا،
چنڊ ۽ چانگ، سومرا، سورا،
هيءُ لاسي، مَلڪ، ڀنگرَ، لورا،
هي ڪليري، ملاح ۽ کوسا.
هي سماٽ ۽ ٻروچ ۽ سيّد،
چانڊِيا، تارڙا ۽ نوحاڻي،
رند، چوهاڻ، شيخ، شاهاڻي،
راڄ راڻا، وساڻ، ڏاهاڻي،
ڪيرِيا ۽ ڪَلال، قنبراڻي،
هيءُ جهوُنجهار جُنگ جکراڻي.

جَکَرا جَس کرا ۽ جلباڻي،
هيءُ ڪُوپا ڪنڌارَ ڪالاڻي،
هي ٻَٻَر، هي ڪُٻر ۽ تنگواڻي،
نُومڙيا، ڀُرڳڙي، نظاماڻي،
ڌوڙڌويا، ڌچر، ڌماچاڻي،
هيءُ راٺوڙ، رَڄَ راڄاڻي،
جهرڪ ۽ ڪاتِيار، بهراڻي،
هي بُليدي ۽ هي بجاراڻي،
هي مري، ڊومبڪي ۽ ملڪاڻي،
هي گياني گيانچنداڻي،
مُکَ تي مُرڪ، اکِ ۾ پاڻي_
هي ڇُٽا، ڇلڳري، ڇَڇر ۽ ڇُڳير،
هي کرل، بهڻ، ميتلا ۽ جَهٻير_
هيءُ دودا دلير مڙس مٿيرَ.

گندرا، منڌرا، مسر، ٻانڀڻ،
هيءُ کُهڙا، کٽياڻ، کُهنباٽي،
هي سِرائي، سهاڳ ۽ ساٽي_
ڍول سِر- ڇَٽَ، ڍٽَ جا ڍاٽي.
گهانگهرا، گاڏهِي، وڳڻ، ارباب_
هيءُ نيهي نواب نينهن نصاب.
ڪانڌڙا، ڀيل، ميگهواڙ، ڀَيا،
ڪارِيا، سارِيا ڀَلائِي، ڀُرٽ،
هي مٽيءَ ڪوڏ اوڏ اڏجن شال!
شال تن تي ڀلا ڀلائين ڀال!

هي پليجا، پنهوار، پيڃارا،
هيءُ سوچِي سُچيت سونهارا،
هي ٺَڪر، ٺيڪري ۽ ٺاٺارا،
هيءُ ”گلشير تيوڻي“ وارا،
هيءُ رنگريز، هيءُ سونارا_
سانورا ڀُورڙا، اڇا ڪارا،
سنڌڙيءَ ماءُ جا سڀئي پيارا!

هي مڱڻهار، ڀَنڊ، ڀَٽ ۽ ڀان،
دائداڻا ۽ درس، دَل، ديوانَ_
ڇا چوان آءٌ شانَ تن جا مانَ!

هي سنديلا، سَٺيار، سيلاٽا،
هي سِريوال، ساندَ، سولنگي_
نِجِ پِجِ ۽ نبار ۽ ننگي!

هي پتافي، پٺاڻ، پاڙهيڙي،
هي هڱورا، پرهياڙ، آهيڙي.
هيءُ ساونت رُوپلا ڪولهي،
راوڙا باگڙي، سنگهار، چمار،
پارسي، ڀاٽِيا، ڀُٽا، پرمار_
سُوَڙا، سَت پُريا، سخي سردار.

هيءُ جويا، اُٿر، کٽي، کوکر،
هي ڪلهوڙا، ڀٽي، ٽڳڙ، وينجهر،
ناهِيان، ڪُوچڙا، ٻَڙا، ڪيهر،
هي جمالي ۽ مهر ۽ ڏيپر،
هيءُ ڏهراجَ، ڏاهري، جيسر،
هيءُ وريام وِيرَ هي وِيسر،
هي سهارڻ ۽ ٻُٽَ، آريسر،
هيءُ تُنيا، حجام، حُر، حبشي،

هيءُ قاضي، ڪنڀار، حاجاڻا،
مڱرِيا ۽ لُهار، لوهاڻا،
هيءُ راهو، ٻَرند، ڦلپوٽا،
هيءُ  لاڙڪ ۽ ميرجت، گهوٽا،
هيءُ گوپانگ، هيءُ پاٽولي_
جن جي ڪَن ۾ پئي، سُتيءَ سان گڏ،
سنڌڙيءَ ماءُ جي مٺي لولي.

هي سَريلا ۽ ساهتي، لاڙي،
مارواڙي ۽ ڪاٺِياواڙي،
هي جِهلورا ۽ جهانورا، جهانگي،
هيءُ سوڍا، سنگهار ۽ سانگي،
هيءُ ولهارَ ويڙهه جا وانگي.

هيءُ اڳڙا ۽ داسڙا، دايا،
هيءُ گولا، گبول، گاروڙي،
کامڙيا ۽ کماڻ، کاهوڙي،
هي چَنڙ، چاوڙا، چنا، چاچڙ،
هيءُ ماڇي ۽ لُنڊ ۽ سهتا،
مُغل، اعواڻ، شير شَر، ڏيٿا،
هيءُ بُرفت، سيال ۽ ابڙا
هي ڪهيري، ڪمارِيا، ڇڄڙا،
هيءُ ديدڙ ۽ بودلا، ٻُرڙا،
جانوري، ٽانوري ۽ هي هَڪڙا،
راڄپر، راڄپوت ۽ رکڙا،
هيءُ ٻاگهل، اِنڍڙ ۽ آرائين،
هيءُ آخوند، خاصخيلي، خُشڪَ_
کِل کٿوري ۽ مُشڪ جن جي مُشڪ!

هيءُ لاکا، للهنگ لاشاري،
هي زنگيجا، زئونر، زرداري،
هي شڪاري، پَريٽ، پالاري،
هي مهيسر ۽ مگسي مهمِير،
هيءُ جوڳي، ڪنوٽِيا، ڪَنچير-
لال لڄپال هي لکي لکمير.

هيءُ ڳنڀير، بوزدار، سما،
هي سميجا، سُڪارِيا سَٺيا،
هيءُ پانڌي، پَهوڙ ۽ پُسيا.

هي ڪلوئي، ٻلال، ڪورائي،
هي بروهي، ٻڊام ۽ ڀنڀرا،
هيءُ ميمڻ ۽ بوهري، کوجا،

جاڳراڻي، ڏهوٽ ۽ ڏُمرا،
هيءُ ڪوري ۽ هيءُ نوناري،
هيءُ مرزا، مسيح، هي ورما.

هيءُ رضوي ۽ ڪاظمي، نقوي،
هي قريشي ۽ موسوي، علوي،
هي صديقي ۽ هيءُ انصاري،
هيءُ مخدوم، پير، مير، فقيرَ،
سنڌ جي سَنڌَ سَنڌَ سِڪَ اُڪيرَ،
منهن جنين جي مڙهيل مڻيا آهن،
جي مڻيا سڀڪنهين وڻيا آهن،
اَڄُ ڪلهه جا نه، ڌُر ڌَڻيا آهن_
سِجَ ۽ چنڊ ۽ ستارن جان،
عرش تان فرش تي ڇڻيا آهن،
ڳڻ سندن ڪنهن ڀلا ڳڻيا آهن!

Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

نیلی جھیل

لڑکو! تم بڑے ہو گے تو تمہیں افسوس ہوگا۔ جوں جوں تمہارا تجربہ بڑھتاجائے گا، تمہارے خیالات میں پختگی آتی جائے گی اور یہ افسوس بھی بڑھتا جائے گا۔یہ خواب پھیکے پڑتے جا ئیں گے۔ تب اپنے آپ کو فر یب نہ دے سکو گے۔بڑے ہو کر تمہیں معلوم ہو گا کہ زندگی بڑی مشکل ہے۔جینے کے لیئے مرتبے کی ضرورت ہے۔آسائش کی ضرورت ہےاور ان کے لیئے روپے کی ضرورت ہے۔اور روپیہ حاصل کرنے کے لیے مقابلہ ہوتا ہے۔مقابلے میں جھوٹ بولنا پڑتا ہے،دھوکا دینا پڑتا ہے،غداری کرنی پڑتی ہے۔یہاں کوئی کسی کی پرواہ نہیں کرتا۔دنیا میں دوستی ،محبت،انس،سب رشتے مطلب پر قائم ہیں۔محبت آمیز باتوں ،مسکراہٹوں،مہر بانیوں،شفقتوں--ان سب کی تہہ میں کوئی غرض پوشیدہ ہے۔یہاں تک کہ خدا کو بھی لوگ ضرورت پڑنے پر یاد کرتے ہیں۔اور جب خدا دعا قبول نہیں کرتا تو لوگ دہریے بن جاتے ہیں،اس کے وجود سے منکر ہو جاتے ہیں۔اور دنیا کو تم کبھی خوش نہیں رکھ سکتے۔اگر تم سادہ لوح ہوئے تو دنیا تم پر ہنسےگی،تمہارا مذاق اُڑاے گی۔اگر عقلمند ہوئے تو حسد کرے گی۔اگر الگ تھلگ رہے تو تمہیں چڑچڑا اور مکار گردانا جائے گا۔اگر ہر ایک سے گھل مل کر رہے تو تمہیں خوشامدی سمجھا جائے گا۔اگر سو...

سندھی غزل

غزل__________ استاد بخاري شوق تنهنجو شئي ئي ٻي بنجي ويو دل لڳي مان ، زندگي بنجي ويو چنڊ تارا ، گل سهي سودا نه ڏين حسن تنهنجو هڪ هٽي بنجي ويو چؤطرف چمڪار تنهنجي سونهن جا چاھه منهنجو چؤدڳي بنجي ويو سونهن سان جيڪو جڙيو سو جنتي جو ٿڙيو سو دوزخي بنجي ويو قرب ۾ ڪؤڙو ، ڪسارو هي سمو شاھه جي وائي مٺي بنجي ويو منهنجو سينو آ سدوري سنڌڙي تنهنجو سِرُ سنڌو ندي بنجي ويو عاشقن آڏو وڏو هيڏو پهاڙ ڌوڙ جي آ خر دڙي بنجي ويو جنهن کي تون”استاد“ووڙيندو وتين سو ته تنهنجي شاعري بنجي ویو ترجمہ شوق تمہارہ کوئی چیز ہی اور بن گیا دل لگی سے زندگی بن گیا چاند تارے پھول کوئی سودا نہیں دیتے حسن تمہارا ایک دوکاں بن گیا چاروں طرف نور ہے تمہارے حسن کا پیار میرا چاندنی بن گیا حسن سے جو جڑا وہ جنتی جو بہکا وہ دوزخی بن گیا محبت میں یہ جھوٹ بھی شاھ (عبدالطیف بھٹائی) کا گیت بن گیا میری چھاتی جیسے سندھ کی دھرتی سر تمہارا دریائے سندھ بن گیا عاشقوں کے آگے اتنا بڑا پہاڑ بھی مٹی کا اک ڈھیر بن گیا جس کی تجھے تلاش ہے اے "استاد" وہ تو تمہاری شاعری بن گیا۔

یہ ‏ترک ‏تعلق ‏کا ‏کیا ‏تذکرہ ‏ہے ‏

کر رہی درحقیقت کام ساقی کی نظر مے کدے میں گردش ساغر برائے نام ہے پھروں ڈھونڈھتا میکدہ توبہ توبہ مجھے آج کل اتنی فرصت نہیں ہے سلامت رہے تیری آنکھوں کی مستی مجھے مہ کشی کی ضرورت نہیں ہے گرہ بندی گلہ نہیں جو گریزاں ہیں چند پیمانے نگاہ یار سلامت ہزار میخانے سرور چیز کی مقدار پر نہیں موقوف شراب کم ہے تو ساقی نظر ملا کر پلا جام پر جام پینے سے کیا فائدہ؟ رات گزری تو سار ی اتر جائیگی تیری نظروں سے پی ہے خدا کی قسم عمر ساری نشے میں گزر جائے گی یہ ترک تعلق کا کیا تذکرہ ہے؟ تمھارے سوا کوئی اپنا نہیں ہے اگر تم کہو تو میں خود کو بھلادوں تمھیں بھول جانے کی طاقت نہیں ہے گرہ بندی اک بار عقل نے چاہا تھا تجھ کو بھلانا سوبار جنوں نے تیری تصویر دکھادی ہر اک موڑ پر اک نئی مات کھائی رہی دل کی دل میں زباں پر نہ آئی کئے ہیں کچھ ایسے کرم دوستوں نے کہ اب دشمنوں کی ضرورت نہیں ہے گرہ بندی ہمیشہ میرے سامنے سے گزرنا نگاہیں چراکر مجھے دیکھ لانا میری جان تم مجھ کو اتنا بتادو یہ کیا چیز ہے گر محبت نہیں ہے ہزاروں تمنائیں ہوتی ہیں دل میں ہماری تو بس اک تمنا یہی ہے مجھے اک دفعہ اپنا کہہ کہ پکارو بس اسکے سوا کوئی حسرت نہی...