Skip to main content

ابراھيم منشي

جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو، ھر ڪو پنھنجو اگھ اگھاڻو
جيڪو ماڻھو ڪون وڪاڻو، سو ئي ماڻھو موتي داڻو
ڪنھن جي ٿي ھتي ذات وڪامي، ڪنھن جي ٿي ھتي بات وڪاني
ڪنھن جي ٿي ھتي رات وڪامي، ڪنھ جي ٿي ھتي ڏات وڪامي
ھيڏي وڪري جو نه وڪاڻو، تنھن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو
ڪنھن جي ٿي ھتي رت وڪامي، ڪنھن جي ٿي ھتي ست وڪامي
ڪنھن جي ٿي ھتي پت وڪامي، ڪنھن جي ٿي ھتي مت وڪامي
ھيڏي وڪري جو نه وڪاڻو، تنھن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو

ابراھيم منشي

Comments

Popular posts from this blog

سندھی غزل

غزل__________ استاد بخاري شوق تنهنجو شئي ئي ٻي بنجي ويو دل لڳي مان ، زندگي بنجي ويو چنڊ تارا ، گل سهي سودا نه ڏين حسن تنهنجو هڪ هٽي بنجي ويو چؤطرف چمڪار تنهنجي سونهن جا چاھه منهنجو چؤدڳي بنجي ويو سونهن سان جيڪو جڙيو سو جنتي جو ٿڙيو سو دوزخي بنجي ويو قرب ۾ ڪؤڙو ، ڪسارو هي سمو شاھه جي وائي مٺي بنجي ويو منهنجو سينو آ سدوري سنڌڙي تنهنجو سِرُ سنڌو ندي بنجي ويو عاشقن آڏو وڏو هيڏو پهاڙ ڌوڙ جي آ خر دڙي بنجي ويو جنهن کي تون”استاد“ووڙيندو وتين سو ته تنهنجي شاعري بنجي ویو ترجمہ شوق تمہارہ کوئی چیز ہی اور بن گیا دل لگی سے زندگی بن گیا چاند تارے پھول کوئی سودا نہیں دیتے حسن تمہارا ایک دوکاں بن گیا چاروں طرف نور ہے تمہارے حسن کا پیار میرا چاندنی بن گیا حسن سے جو جڑا وہ جنتی جو بہکا وہ دوزخی بن گیا محبت میں یہ جھوٹ بھی شاھ (عبدالطیف بھٹائی) کا گیت بن گیا میری چھاتی جیسے سندھ کی دھرتی سر تمہارا دریائے سندھ بن گیا عاشقوں کے آگے اتنا بڑا پہاڑ بھی مٹی کا اک ڈھیر بن گیا جس کی تجھے تلاش ہے اے "استاد" وہ تو تمہاری شاعری بن گیا۔